سوئي گئس

سوئي گئس

سوئي گئس

سوئي گئس (Sui Gas): پاڪستان ۾ ٻارڻ طور استعمال ٿيندڙ گئس، جولاءِ 1952ع ۾ بلوچستان جي ضلعي ڪوهلو جي ڳوٺ ’سوئي‘ مان دريافت ٿي، ان ڳوٺ جي حوالي سان هن گئس تي ’سوئي گئس‘ نالو پئجي ويو. هن گئس جي دريافت سان ماهرن کي اهو اندازو ٿيو ته جيڪڏهن هن گئس کي صحيح نموني ڪتب آندو وڃي ته هن ذريعي ملڪ ۾ صنعتي انقلاب اچي سگهي ٿو. 1954ع تائين هن ڳوٺ ۾ گئس جا ننڍا وڏا کوهه کوٽيا ويا، جنهن سان معلوم ٿيو ته هتي گھٽ ۾ گھٽ چاليهه کرب هم چورس فوٽ گئس جا ذخيرا آهن. گئس جي دريافت کانپوءِ ماهرن ان جي صفائي ۽ ورهاست جي باري ۾ حڪومت کي هڪ تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي. هن گئس کي صاف ڪرڻ لاءِ ان ڳالهه جي ضرورت هئي ته ٻاهران هڪ پلانٽ گھرايو وڃي ۽ ڪراچيءَ تائين 347 ميل ڊگھي لوهي پائپ لائين وڇائي وڃي ته جيئن اتي جا ڪارخانا هن گئس مان فائدو وٺي سگھن. ان مقصد لاءِ سوئي ٽرانسميشن ڪمپني 16 انچ قطر جو هڪ لوهي پائپ 40 هزار ٽن جي مقدار ۾ انگلنڊ مان گھرايو، هر ٽڪري جي ڊيگهه 40 فوٽ هئي. سيپٽمبر 1954ع ۾ پائپ لائن وڇائڻ جو ڪم شروع ٿيو، ڪيترن مشڪلاتن جي باوجود پائپ لائن 26 آگسٽ 1955ع تي ڪراچيءَ تائين پهچائي وئي، ڪراچيءَ کانپوءِ سوئي گئس کي حيدرآباد، پشاور، لاهور، اسلام آباد ۽ پوءِ پاڪستان جي ٻين ننڍن وڏن شهرن ۽ ڳوٺن تائين پهچايو ويو. ٻارڻ کان سواءِ سوئي گئس کي هٿرادو ڀاڻ ٺاهڻ ۽ بجلي پيدا ڪرڻ جي ڪم ۾ به آندو پيو وڃي، جنهن سان زراعت کي وڏو فائدو ٿي رهيو آهي.
سوئي ڳوٺ کي هاڻي تعلقي جي حيثيت حاصل آهي. هتي مقامي ڪارڪنن جي ٻارن لاءِ اسڪول به آهن. ڪمپنيءَ جي ملازمن لاءِ هڪ ڪلب، ترڻ جو تلاءُ، اسٽيڊيم، اسپتال ۽ ايئرپورٽ به تعمير ڪيو ويو آهي. ٻاهريان ايندڙن لاءِ هڪ جديد ريسٽ هائوس به قائم ڪيو ويو آهي. تعلقي سوئيءَ جي آبادي لڳ ڀڳ 35 هزار آهي.
سوئي گئس جي فراهميءَ لاءِ 1954ع ڌاري پهرين ’سوئي گئس ٽرانسميشن ڪمپني لميٽڊ‘ نالي ادارو قائم ڪيو ويو، اڳتي هلي مارچ 1989ع ۾ SGTCL، ڪراچي گئس ڪمپني لميٽڊ ۽ انڊس گئس ڪمپني لميٽڊ کي ضم ڪري، ان کي ’سوئي سدرن گئس ڪمپني‘ SSGC نالو ڏنو ويو. هي ادارو هن وقت سڄي ملڪ ۾ سئي گئس جي فراهمي ڪري ٿو.


لفظ سوئي گئسھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو